اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي ??ي) وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسز ۽ فوتگين جي وڌندڙ شرح تي عوام کي ا??يل ڪئي آهي ته ڪوويڊ 19 ??وذ?? مرض آهي، ماسڪ جو استعمال ۽ ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪري ا?? وبا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، روزگار ۽ ڪاروباري معاملن کانسواءِ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جو سبب بڻجندڙ شعبن تي مرحليوار پابنديون لڳايون وينديون، حڪومت به ان دوران ڪو عوامي ميڙ منعقد نه ڪندي، وفاقي ڪابينا غريب ۽ وچين طبقي کي بهتر رليف ڏيڻ جي لاءِ 4 ٽريلين جي سبسڊي کي معقول بڻائيندي ٽارگيٽڊ سبسڊي متعارف ڪرائڻ، ڪڻڪ جي ا??ندڙ فصل جي ا??دادي قيمت 1650 رپيا في مڻ ٻوري مقرر ڪرڻ ۽ سعودي عرب حڪومت پاران تجويز ڪيل ڊيجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا کي ا??ڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽس جي طريقيڪار کي معقول بڻائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
شبلي فراز جي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو