اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس ??و پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهيني تائين ڪورونا ڪيسن جو ان?? 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزير اسد عمر اين سي ??و سي ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ايس ??و پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا وائرس ڪيسن جو ان?? 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته جون جي وچ تائين ڪورونا ڪيسن جو ان?? ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آهي ۽ ماهرن موجب جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته جون جي آخر تائين 3 لک جڏهن ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا ڪيسن جو ان?? 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته يقينن اها ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اه??ي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان انتظامي قدمن جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي ايس ??و پيز جون خلاف ورزيون ڪندڙن جي خلاف ايڪشن ورتو پيو وڃي جڏهن ته اين سي ??و سي هاڻي اه??ن ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي.
ايس او پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهيني تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن