اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 10 هون قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جوڙي ڇ??يو آهي. ناڻي واري وزارت ۾ قائم اين ايف سي سيڪريٽريٽ پارا?? جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل (1) 160 تحت 23 اپريل 2020ع کان 10 هون قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ جوڙي ڇ??يو آهي. وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اين ايف سي ايوارڊ جو چيئرمين هوندو، سنڌ جو ناڻي وارو وزير، پنجاب جو ناڻي وارو وزير، بلوچستان جو ناڻي وارو وزير، خيبرپختونخ??اه?? جو ناڻي وارو وزير ڪميش?? جا ميمبر هوندا، ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار، طارق باجوه (پنجاب)، ڊاڪٽر اسد سعيد (سنڌ حڪومت)، مشرف رسول (خيبرپختونخ??اه?? حڪومت)، جاويد جبار (بلوچستان حڪومت) شامل آهن، ناڻي وارو و??اقي سيڪريٽري اين ايف سي جو سرڪاري ماهر (آفيشل ايڪسپرٽ) هوندو.
صدر 10 هون قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جوڙي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : گرم گرم