اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم شاهد خاقان عباسي ملڪ جي وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڻي وسيلن جي مناسب استعمال ۽ تحفظ جي لاءِ صوبائي ۽ وفاقي سطح تي موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته قو??ي پاڻي پاليسي جي مسودي کي صوبن سان مشاورت ڪري جلد ح??مي شڪل ڏني وڃي. هن اها ڳالهه وز??را??ظم آفيس ۾ قو??ي پاڻي پاليسي جي مسودي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. گهرو معاملن، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين سرتاج عزيز، بجلي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز