بيجنگ – 15 مئي (اي پي پي( وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ون بيلٽ ون روڊ ۽ چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊرو (سي پيڪ) جا منصوبا گڏيل خوشحالي جي لاءِ آهن، جن سان انسانيت جي لاءِ هڪ ??ئين دور جو آغاز ٿيندو، غريب علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. عالمي تعاون جي لاءِ ٻن ڏينهن جي بيلٽ اينڊ روڊ فارم جي حصي طور اڳواڻن جي گول ميز اجل??س جي ٻي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سڄي ايشيا ۾ انفرااسٽرڪچر، صنعتي تعاون، ٽيڪنالاجي جي نئين پليٽ فارمز سان لاڳاپيل ڪم پهرين ئي شروع ٿي چڪو آهي ۽ دن??ا جي ڪجهه گهٽ ترين ترقي يافته علائقن جي لاءِ ماليت جي آمد شروع ٿي چڪي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه پاڻ ۾ مليل ملڪن ۽ خطن جي معاشي نظام ۽ گڏيل پاڙيسري جي ڪري آهي.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری