برسلز-03 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيريش کي اسرائيل ??رفان اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏئي ملڪ ۾ داخلا بند ڪرڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب جوزف بوريل ??يڪس اڪائونٽ تي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان ان خلاف ٿيل ??ير منصفاڻن حملن ۽ گڏيل ق??من جي انساني ??مدردي وارن معاملن سان سلهاڙيل ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ جاني ??قصان ٿيڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل جي وچ اوڀر سميت سمورن تڪراري علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس بي پناهه ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ??ه سوشل ميڊيا تي چيو ته اسان گڏيل ق??من پاران امن جي قيام جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز