رياض-19 اپريل(اي پي پي)س??ود?? عرب گڏيل ق??من جي سلامتي ڪونسل پاران گڏيل ق??من ۾ فلسطيني رياست جي مڪمل ميمبر شپ کي تسليم ڪرڻ واري ٺهراءَ جي ناڪامي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب س??ود?? عرب جي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته گڏيل ق??من ۾ فلسطيني رياست جي مڪمل ميمبر ??پ قبول ڪرڻ ۾ رڪاوٽون اسرائيلي قابض رياست جي مداخلت ۽ ان جي پاران عالمي قانون جي لڳاتار خلاف ورزين کي بن?? ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون. پرڏيهي وزارت عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته غزه ۾ فلسطيني شهرين تي قابض اسرائيلي حملن کي روڪڻ، فلسطيني عوام جي خود اراديت واري حق جي حمايت ۽ 1967 جي سرحدن تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام جي ذميواري قبول ڪري،عرب امن فارمولي کي اڳيان وڌائي ۽ گادي واري شهر اوڀر بيت المقدس تي مشتمل فلسطيني رياست جي قيام کي تسليم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، واضع رهي ته خميس تي سلامتي ڪونسل جي اجلاس ۾ آمريڪا الجزائر پاران فلسطين کي گڏيل ق??من جي مڪمل ميمبر شپ ڏيڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءَ خلاف پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪيو،سلامتي ڪونسل جي 12 ميمبرن ٺهراءَ جي حمايت ڪئي جڏهن ته آمريڪا ان ٺهراءَ کي ويٽو ڪيو.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مستقل ميمبر شپ جي ٺهراءَ جي ناڪامي افسوس جوڳي آهي:سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná