جده- 20 فيبروري (اي پي پي) اسلامي تعاون تظيم (او آءِ سي) جي سڌ سماءَ وارن وزيرن جو غير معمولي اجلاس 24 فيبروريءَ تي استنبول ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ والاريل فلسطيني علائقي ۾ صحافين ۽ ميڊيا ادارن خلاف اسرائيل جي قابض انتظاميه جي ڏاڍ ۽ غلط ڄاڻ جي مقابلي ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪو??شن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. او آءِ سي طرفان اڱاري ڏينهن جده ۾ جاري بيان مطابق ترڪي ان ڪانفرنس جي ميزباني او آءِ سي جي سڌ سماءَ وارن وزيرن جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪري رهيو آهي. اميد آهي ته او آءِ سي جا ميمبر ملڪن ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪن??ا. او آءِ سي جي سيڪريٽر?? جنرل حسين ابراهيم طحه ڪانفرنس کي خطاب ڪن??و ۽ شرڪت ڪن??ڙن کي والاريل فلسطيني جي علائقي خاص طور تي غزه ۾ مختلف ميڊيا ادارن ۽ صحافين خلاف اسرائيل جي جاري ڏوهن کان آگاهي فراهم ڪن??و. اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته اسرائيل غزه جي پٽي ۽ سڄي فلسطين ۾ ميڊيا کي دٻائي رکيو آهي. او آءِ سي پنهنجي بيان ۾ رپورٽن جي حوالي سان چيو ته اسرائيل 140 کان وڌيڪ ميڊيا ادارن کي نشانو بڻايو آه?? جنهن سبب 7 آڪٽوبر 2023ع کان ميڊيا جي شعبي ۾ ڪم ڪن??ڙ گهٽ ۾ گهٽ 126 ماڻهو شهيد ٿيا آهن. بيان مطابق اسرائيل غزه جي پٽي جي عوام خلاف 4 مهينن کان وڌيڪ عرصي سان مسلسل جنگ جاري رکي آه?? جنهن جي نتيجي ۾ قتل عام، ملڪيتن جي تباهين ۽ وڏي انگ ۾ فلسطيني بي گهر ٿيا آهن.
اسلامي تعاون تظيم جي سڌ سماءَ وارن وزيرن جو غير معمولي اجلاس 24 فيبروريءَ تي استنبول ۾ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری