صنعا- 01- فيبروري (اي پي پي) ڳاڙهي سمنڊ مان گذرندڙ سامونڊي جهازن تي حوثين جي حملي ۽ حوثين جي ٺڪاڻن تي آمريڪي فضائي حملن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آ??ي جنهن سان ان اهم واپاري لنگهه کي استعمال ڪندڙ وڏيون ڪنٽينر ڪمپنيون پنهنجي سامونڊي جهازن جو رستو تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيون آهن جنهن سان انهن جي خرچن ۾ اضافو ٿيڻ سان گڏوگڏ يورپي ۽ آفريقي سپلائي چينز تي دٻاءُ وڌي رهيو آ??ي. شنهوا جي رپورٽ موجب ڳاڙهي سمنڊ ۾ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۾ تقريبن ٽن مهينن کان ا??افو ٿي رهيو آ??ي. تجزيه ڪارن خبردار ڪيو آ??ي ته هي صورتحال ڳاڙهي سمنڊ کي انتقام ۽ جوابي انتقام لاءِ ميدان جنگ بڻائ?? سگهي ٿي جنهن سان نه رڳو خطي ۾ غير متوقع واقعا پيش اچ?? سگهن ٿا پر تڪرار وسيع تر علائقي ۾ پکڙج?? سگهي ٿو. يمن جي حوثي باغين طرفان ا??بع ڏينهن ڳاڙهي سمنڊ ۾ هڪ آمريڪي سامونڊي جهاز تي ڪيترائي ميزائل فائر ڪيا ويا.ان قدم عال??ي جهاز راني کي ??تا??ر ڪيو آ??ي ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرارن جو خدشو وڌي ويو آ??ي. حوثين چيو ته هنن آمريڪي جنگي جهاز يو ايس ايس گريولي کي غزه ۾ فلسطينين جي حمايت ۽ يمن خلاف آمريڪي قيادت ۾ جارحيت جي جواب ۾ نشانو بڻايو. هنن ڳاڙهي سمنڊ ۽ عربي سمنڊ ۾ سمورن آمريڪي ۽ برطانوي جنگي جهازن کي جائز هدف قرار ڏنو ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ٿيڻ تائين ا??رائيلي جهازن کي ڳاڙهي سمنڊ مان گذرڻ کان روڪڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. حوثي آڪٽوبر جي آخر کان ڳاڙهي سمنڊ مان گذرندڙ سامونڊي جهازن تي 30 کان وڌيڪ حملا ڪري چڪا آهن. يمني تجزيه ڪار ياسين تميمي چيو ته حوثين وٽ بحران کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ هاڻي ڪافي طاقت موجود آهي ڇاڪاڻ ته آمريڪي فضائي حملن انهن جي صلاحيتن کي وڏي پئماني تي ??تا??ر ناهي ڪيو.گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقي جي انگن اکرن موجب ٻن مهينن کان نهر سويز ذريعي روزاني جي آمدرفت ۾ 39 سيڪڙو ۽ هتان کان گذرندڙ ڪارگو جي وزن ۾ 45 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، اهڙي طرح ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ سان چين کان يورپ تائين پهچ جي لاڳت وڌي وئي آهي جنهن سان عالمي واپار ??تا??ر ٿيو آ??ي. بلومبرڪ جي هڪ رپورٽ موجب وڏي بيمه ڪمپنين جي باري ۾ چيو ويندو آ??ي ته هو ڳاڙهي سمنڊ کي پار ڪندي وقت آمريڪي ۽ برطانوي سامونڊي جهازن کي انشورنس ڪوريج کان ڪڍي ڇڏيندا آهن، وڌيڪ انڊر رائٽرز جهازن کي سندن ملڪن کان پري رهڻ لاءِ چئي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ لاجسٽڪس ۽ لاڳت جا چئلينج پيدا ٿي رهيا آهن، ڪلارڪسن سيڪويرٽيز هڪ تازي رپورٽ ۾ چيو آ??ي ته ايشيا ۾ موڪلن کان پهرين سامان گهرائيندڙن لاءِ ڪمپنين طرفان جلد بازي سامونڊي سپلائي چين جي موجوده مسئلن کي وڌيڪ وڌائ?? سگهي ٿي، ان پس منظر ۾ ايران ۽ آمريڪا جا هڪٻئي کي ڌمڪي آميز بيان ڳاڙهي سمنڊ کي ميدان جنگ ۾ تبديل ڪر?? سگهن ٿا، ڳاڙهي سمنڊ جي بحران کان ??تا??ر ٿيندڙ سمورن آفريقن چيو ته هو علائقائي جنگ کان بچڻ چاهين ٿا پر ان سان گڏوگڏ هو خطرن کي منهن ڏيڻ جي ذميواري هڪ ٻئي تي وجهڻ چاهين ٿا، ان پس منظر ۾ رابطن جي کوٽ ۽ سفارتڪاري ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش غلط اندازن ۽ غير ارادي نتيجن جي امڪانن جي باري ۾ خدشن کي جنم ڏئي رهي آهي.
ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو عالمي جهاز راني لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد