برلن _ 19 جنوري (اي پي پي ) جرمني ۾ شديد برفباري سبب معمول واري زندگي متاثر ٿي وئي آهي . ڊي ڊبليو ??طابق جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ شديد برفباري سبب اچ وڃ معطل ٿيڻ سبب شهرين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي . جرمني جي سڀ ک??ن وڏي هوائي اڏي فرنڪفرٽ تي اٽڪل 1،000 مان 300 ک??ن وڌيڪ اڏامن جي آمد۽ رووانگي کي ملتوي ڪيو ??يو آهي . جرمني جي سڀ ک??ن وڏي ريل آپريٽر ڊوئچي بانڪي چيو آهي ته مختلف شهرن کان پيرس ويندڙ ۽ ايندڙ ٽرينن کي هڪ ڀيرو ٻيهرملتوي ڪيو ??يو آهي . هن چيو ته ٽرين ذريعي سڄي ملڪ ۾ سفر ڪري سگهجي ٿو . پر موسم سبب ڪنهن حد تائين سفر ۾ خلل پيدا ٿي سگهي ٿو ، مرڪزي جرمني ۾ برفاني حالت سبب هائي ويز تي به برفباري سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي . روڊ رستن کي صاف ڪرڻ ۾ به اڃ??ن وقت لڳي سگهي ٿو .شهري گاڏين ذريعي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن .
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ