اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير راشد مير دودف پرڏيهي آفيس پهچي ويو، ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جو استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب راشد مير دودف ۽ ن??ئب وزيراعظم جي وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئ?? اڳواڻ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور ۾ پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪرڻ کانسواءِ عالمي ۽ علائقائ?? اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئ?? اڳواڻ پاڪستان ترڪمانستان لاڳاپن کي مثبت تحرڪ ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي تعاون، علائقائي رابطن ۽ ثقافتي لاڳاپن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ ٻطرفي تعاون جون راهون ڳولڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪندا.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ