اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان ٻطرفي دلچسپي جي شعبن خاص طور تي توانائي، واپار، رابطا، دفاع ۽ عوام کان عوام تائين رابطن جي شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهڙي عزم جو ورجاءُ ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو ويو. آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوف جو استقبال ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻنهي ??لڪن جا لاڳاپا تمام گهڻا شاندار آهن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جا تمام گهڻا ۽ وسيع موقعا موجود آهن. صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي عوام ۽ واپارين جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گوادر بندرگاهه جي اهميت کي اجاگر ڪندي تجويز ڏني ته وچ ايشيائي ??لڪ ۽ آذر??ائ??جان علائقائي واپار، رابطن ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ گڏيل معاشي خوشحالي آڻڻ جي لاءِ ان بندرگاهه مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي آجيان ڪندي چيو ته مفاهمت جي يادداشتن سان واپار، سياحت، معدنيات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، قانون ۽ انصاف جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي نئون حوصلو ملندو. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته اوڀر دنيا کي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن سميت آذر??ائ??جان سان پائيدار ۽ لاڀائتا لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ??و. ان موقعي تي ڳالهائيندي آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوف چيو ته آذر??ائ??جان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ جي تمام گهڻي گنجائش آهي ۽ ٻنهي ??لڪن جي اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ ڪاروبار ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ت پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا امڪان ڳولي سگهن ٿا.
جڏهن ته بعد ۾ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوف ۽ سندس وفد جي مان ۾ مانجهاندو ڏنو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر آذر??ائ??جان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ آذر??ائ??جان جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جي خاطري ڪرائي.