اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ملڪ گير مهم کي تيز ڪرڻ، ملوث نشاندهي ٿيل آفيسرن کي عهدن تان فوري ط??ر تي هٽائڻ ۽ محڪماڻي ڪارروائي ڪرڻ، سمورن لاڳاپيل ادارن کي هڪ ٻئي سان تعاون، اسمگلرن ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي مثالي سزا ڏيارڻ، ان حوالي سان ضروري قانونسازي ۽ ک??ڊ جي مڪمل ط??ر تي اسمگلنگ روڪڻ جون هدايتون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان اعليٰ سط?? جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان مان اسمگلنگ جي پاڙ کان خاتمي جو پختو عزم رکان ٿو، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي اسمگلنگ ۾ خاتمي جي لاءِ حڪومت سان مڪمل تعاون تي ان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسمگلنگ، ذخيره اندوزن ۽ انه?? جي سهولتڪار آفيسر?? جي فهرست تيار ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبن کي فراهم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم نشاندهي ٿيل آفيسرن کي عهدي تان فوري ط??ر تي هٽائڻ ۽ محڪماڻي ڪارروائي، سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ادارن کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون، اسمگلرن ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي قرار واقعي ۽ مثالي سزا ڏيارڻ ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ان حوالي سان فوري ط??ر تي ضروري قانونسازي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۽ قوم جو پئسو ڦريندڙن ۽ انه?? جي سهولتڪارن کي قطعي ط??ر تي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏني ويندي، سرحدي علائقن ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ نوجوانن کي متبادل روزگار جي موقعن ۽ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي شي?? جي پاڪستان ۾ وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ا?? جي مانيٽرنگ کي تيز ۽ موثر ڪيڳو وڃي. وزيراعظم ڪسٽم عملدارن کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ کي مانيٽر ڪندڙ سسٽم جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قومي سطح تي منشيات جي استعمال جي جان?? جي لاءِ سروي جي لاءِ فوري ط??ر تي ف??ڊ جاري ڪرڻ ۽ ک??ڊ جي مڪمل ط??ر تي اسمگلنگ روڪڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اسمگلنگ، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي غلط استعمال، منشيات، کاڌي پيتي جي شين بشمول کنڊ، ڪڻڪ، ڀاڻ، پيٽروليم مصنوعات، غيرقانوني هٿيار?? جي حوالي سان تفصيلي ط??ر تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي سان اي ڊي خواجه جي سربراهي ۾ قائم جاچ ڪميٽي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ قومي اسمگلنگ جي خاتمي بابت اسٽريٽجي حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن کي منظوري جي لاءِ جلد پيش ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻه ڏينهن اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽمز جي گڏيل ڪارروائي ۾ مستونگ ۾ اسمگلنگ جي گودام تي ڇاپو هنيو ويو آهي جنهن ۾ ضبط ٿيل اسمگل شي?? جي ماليت اٽڪل 10 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. وزيراعظم افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ناجائز استعمال ۽ ا?? جي آڙ ۾ اسمگلنگ ڪندڙ عنصرن ۽ انه?? جي سهولتڪار آفيسر?? جي نشاندهي تي اي ڊي خواجه جي سربراهي ۾ ڪميٽي جي رپورٽ کي ساراهيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اسمگلنگ جي خاتمي جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سيد محسن رضا نقوي، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ، ايف بي آر چيئرمين، اٽارني جنرل، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسي?? جي اهلڪارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد پاران اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ملڪ گير مهم کي تيز ڪرڻ ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن کي عهدن تان فوري طور تي هٽائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر