اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي، آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو، ڪنهن پا??ٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پا??ٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستان جي آئين ۾ هر صورتحال مان نڪرڻ جو رستو موجود آهي. پا??ليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اهي ماڻهو جيڪي مختلف طرح سان ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا، انهن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اهي شاعر، موسيقار، فنڪار، ڊرامي نگار جيڪي ڪروڙپتي نه آهن، انهن جي خدمتن جو اعتراف ٿيڻ گهرجي. هن ??يو ته اشرافيه جي ڪلبز کي به گهرجي ته اهي اهڙن ماڻهن جي خدمتن جو اعتراف ڪن، ڪنهن ??ي ميمبرشپ ڏيڻ وقت رڳو پئسي کي نه ڏٺو وڃي، خدمتن کي به ڏٺو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو جنهن ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن باقي آهن. هن ??يو ته اها معمول جي ڪارروائي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته ورڇ ٿيل پا??ليامينٽ آهي، ڪنهن سياسي پا??ٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پا??ٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن ??يو ته پاڪستان جو آئين جامع ۽ تفصيلي آهي، فرض ڪريو ته سياسي پا??ٽين جي وچ ۾ ڪنهن قسم جو اتفاق راءِ پيدا نٿو ٿئي ته آئين ۾ ان جو رستو موجود آهي.
قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي، آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : رومن دولت