راو??پن??ي-24 نومبر(اي پي پي) امام ڪعبه شيخ صالح بن عبدالله بن حميد پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق هيءَ ملاقات جي ايڇ ڪيو راو??پن??ي ۾ ٿي. آرمي چيف معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته امام ڪعبه جو پاڪستان اچڻ پاڪستاني ع??ام لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان حرمين الشري??ين سان بي پناهه عقيدت رکن ٿا ۽ گهرو احترام رکن ٿا. امام ڪعبه چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي، اسلام جي غلط تشريح جي ڪابه گنجائش ناهي. ٻن??ي معزز شخصيتن غزه تڪرار ۾ جاري ظلم ۽ غير قانوني والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مسلمانن تي ??لم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪئي ۽ فلسطين ۽ ڪشمير جي ع??ام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مثالي، تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ پاڪستانين جي دلين ۾ مملڪت سعودي عرب جي انوکي ع??يدت کان علاوه ٻن??ي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ نظرياتي ??تحاد تي ٻَڌل مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن. آخر ۾ امام ڪعبه اُمت جي امن استحڪام ۽ اتحاد لاءِ دُعا ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان امام ڪعبه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے