بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سياسي، اقتصادي، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٿيو. ان موقعي تي نگران وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن مضبوط ۽ پراڻي پاڪ چين لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، تعليم جي شعبي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم چيني قيادت کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني. بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي صلاحيت جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو مواصلاتي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ڪري پوري دنيا جي لاءِ اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏس ۾ پاڪ چين تعا??ن ۽ معاشي رابطن جي فروغ جي صلاحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي پاڪستان جي معيشت جي لاءِ اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ پنهنجي ت??مير جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ صنعتي ت??قي، روزگار جي فراهمي جا منصوبا، معدنيات، آءِ ٽي ۽ زراعت جي ت??قي شامل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ صنعتي صلاحيت وڌندي. وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪ چين لاڳاپن جي فروغ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ت??ميراتي ۽ ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي هم آهنگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. ٻئي وزيراعظم چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا. انهن شعبن ۾ ڪامرس، مواصلات (ايم ايل ون)، غذائي ت??فظ ۽ تحقيق، ميڊيا مٽاسٽا، خلائي ت??اون، پ??ئيدار شهري ت??قي، صنعتي ت??اون، افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي، معدنيات جي ت??قي، موسمياتي ت??ديلي ۽ ويڪسين ٺاهڻ جا شعبا شامل آهن.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania