اسلام آباد – 01 ??? ج??ن (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ 15 جولاءِ تائين تماڪو ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني ??ي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار اح?? خان چيما، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم ملڪ ۾ سگريٽ ۽ تماڪو مصنوعات جي غيرقانوني وڪري جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم 15 جولاءِ تائين سگريٽ جي سمورن ڪارخانن ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني ??ڻائڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪ??ي ته تماڪو جي غيرقانوني وڪري جي مڪمل روڪٿام ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري وارا سگريٽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم پاران اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ 15 جولاءِ تائين تماڪو ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ