اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ سرديءَ کان بچاءُ جي خيمن جي باقي کيپ جي تياري ۽ پهچ 23 مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خيما فضائي رستي موڪليا وڃن، نئين خيمن جي معيار کي نظرانداز ڪرڻ کانسواءِ گهٽ کان گهٽ اگهن تي تيار ڪيو وڃي، ترڪيه ۾ موڪليا ويندڙ خيمن جو معيار جانچڻ جي لاءِ ??رڊ پارٽي ويري فڪيشن يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم ڪسٽم عملدارن کي امدادي ??ام??ن جي فوري پهچ جي لاءِ ??وائي اڏن تي خصوصي انتظامن جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان شام جي زلزلي متاثرين جي مدد انساني همدردي ??ي بنياد تي ڪري رهيو آهي. تعليمي ادارن ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ ??نڊ ريزنگ کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ ??اڪستان پار??ن جاري امدادي ڪاررواين تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي ترڪيه ۽ شام جي زلزلي سٽيلن جي لاءِ ??اڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان پاران هن وقت تائين مجموعي طور تي زلزلي متاثرين جي لاءِ 8 هزار کان وڌيڪ سرديءَ کان بچاءُ وارا تنبُو جڏهن ته 37 هزار کان وڌيڪ ڪمبل موڪليا ويا آهن. پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي اڏامن ۾ روزاني جي بنياد تي اٽڪل 8 کان 16 ٽن امدادي ??امان ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ ??وڪليو پيو وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 28 فيبروري 2023ع تي پاڪستان نيوي هڪ سامونڊي جهاز اٽڪل هڪ هزار ٽن امدادي ??امان کڻي شام ۽ ترڪيه روانو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شام جي متاثرين جي لاءِ جنريٽرز، خشڪ راشن، دوائون جڏهن ته ترڪيه جي متاثرين جي لاءِ سرديءَ کان بچاءُ جا خيما ۽ ڪمبل شامل آهن. ان کانسواءِ 21 اين ايل سي جي ٽرڪن جو قافلو 251 ٽن امدادي ??امان کڻي 25 فيبروري 2023ع تي ترڪيه جي شهر ملاطيه پهچي ويو آهي. اجلاس کي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پاران سرديءَ کان بچاءُ جي خيمن جي تياري جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم انهن خيمن جي تياري ۽ پهچ کي 23 مارچ تائين مڪمل ڪري 60 هزار خيما فضائي رستي ذريعي ترڪيه موڪلڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ گير امدادي مهم بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته مختلف خيراتي ۽ انساني همدرديءَ جي تنظيمن پاران اين ڊي ايم اي جي ڪليڪشن سينٽرز تي جمع ٿيندڙ شين کي زميني ۽ فضائي رستي ذريعي ترڪيه ۽ شام موڪليو پيو وڃي جن ۾ گرم ڪپڙا، دوائون، ڪمبل، کاڌي پيتي جون شيون، جنريٽرز وغيره شامل آهن. اجلاس کي موڪليو ويندڙ راشن جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ترڪيه ۽ شام ۾ پاڪست??ن جي سفيرن امدادي ??رگرمين کان آگاهه ڪيو. شام جي سفير پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ مدد جي مثبت ردعمل ۽ شام ۾ پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول جي ٻارن پاران هڪ امدادي ٽرڪ ۽ 2 ڪروڙ سيرئين پائونڊ جي امداد جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. ترڪيه ۾ پاڪست??ن جي سفير اجلاس کي ٻڌايو ته ترڪيه ۾ هاڻي سرديءَ کان بچاءُ جي خيمن ۽ ڪمبلن جي سخت ضرورت آهي. هن ٻڌايو ته امدادي ??رگرمين کي منظم رکڻ جي لاءِ ترڪيه ۾ پاڪستاني سفارتخانو ترڪ عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. اجلاس ۾و فاقي وزيرن اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، شام ۽ ترڪيه ۾ پاڪست??ن جي سفيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ترڪيه ۾ سرديءَ کان بچاءُ جي خيمن جي باقي کيپ جي تياري ۽ پهچ 23 مارچ تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار