اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل 15 ۽ 16 فيبروري تي پاڪس??ان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب رافيل ماريانوگروسي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي 15 کان 16 جنوري تائين پاڪس??ان جو دورو ڪندو. ڊي جي آءِ اي اي اي پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو ۽ جوهري ٽيڪنالاجي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو جن ۾ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبي ج?? ادارا شامل آهن. بيان موجب هي دورو پاڪس??ان ۽ آءِ اي اي اي کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي شعبي ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪس??ان 1957ع کان ايجنسي جو باني ميمبر آهي ۽ آءِ اي اي اي سان پراڻو ۽ گڏيل طور تي فائديمند تعاون ڪري رهيو آهي.
آءِ اي اي اي جو ڊائريڪٽر جنرل 15 ۽ 16 فيبروري تي پاڪستان جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2