اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ م??اثرن لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي طبي امداد جي فراهمي ۽ بحاليءَ جي ڪاررواين ۾ سرگرم آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا اهلڪار ٻوڏ م??اثر کي رهائش، طبي سهولتون، خوراڪ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جهڙيون بنيادي ضرورتون وقت سر فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀر??ور خدمت فراهم ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه جي قائم ڪيل م??ڊيڪل ليب ڪليڪشن پوائنٽس ٻوڏ م??اثرن ?? وڏي پيماني تي پکڙجندڙ پاڻيءَ سبب بيمارين جهڙوڪ گيسٽرو، ڊينگي، مليريا، دستن ۽ ا??لٽ??ن جي سُڃاڻپ جي عمل ۾ مصروف آهي. پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻوڏ م??اثرن کي مفت دوائون ۽ طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 17960 پڪل کاڌي جا پئڪيٽ، 250 پاڻيءَ جون بوتلون ۽ 1730 خشڪ راشن جا پئڪيٽ ورهايا. ان کان علاوه پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 1407 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.
پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي عمل ۾ مصروف آهي: ترجمان
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ