اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اسلام آباد ۾ سانوڻي جي قومي سطح تي تياري بابت ڪانفرنس منعقد ڪئي. ڪانفرنس جو مقصد ماحولياتي تبديلين ۽ تازي گرمي جي سخت لهر کي موثر انداز ۾ من??ن ڏيڻ جي ??اء?? وفاقي، صوبائي ۽ ٻين سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي تياري جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ سمورن ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون کي بهتر بڻائڻ هو. ڪانفرنس جي صدارت اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ڪئي. ڪانفرنس ۾ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کانسواءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي اعليٰ عهديدارن سميت هٿياربند فوج، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، فيڊرل فلڊ ڪميشن، واپڊا، آبپاشي کاتي، ريلوي، اسپارڪو، ايف ڊبليو او، موسمياتي کاتي، گڏيل قومن جي ايجنسيز ۽ انساني امداد جي فلاحي ادارن/ تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي پاران سال 2022ع جو س??ليانو س??نوڻي پلان پڻ جاري ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ماحولياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن ۽ پاڪستان جي مختلف قدرتي آفتن خاص طور تي ٻوڏ ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ آفت کي من??ن ڏيڻ جي ??اء?? وقت سر قدمن ۽ مختلف ڌرين جي تياري ۽ گڏيل رابطي کي انساني ۽ مالي نقصانن کان بچڻ جي ??اء?? لازمي قرار ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين اڳواٽ ۽ وقت سر هنگامي اطلاع جي نظام، عام ماڻهن تائين معلومات جي پهچ ۽ آگاهي، معاشرتي سطح تي متحرڪ ٿيڻ ۽ ادارن جي وقت سر ريسپانس تي زور ڏنو. اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان کي موسمياتي تبديلين ۽ انهن جي منفي اثرن کي پڻ نظر ۾ رکڻو آهي جيڪي خطي ۾ شديد گرمي جي لهر ۽ برفاني ڇپن جو پگهرجڻ اوچتو ٻوڏ جو س??ب بڻجي رهيا آهن. سانوڻي پلان جي حوالي سان ڳالهائيندي اين ڊي ايم اي چيئرمين آفتن کي من??ن ڏيڻ جي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ ۽ وقت سر ال??ٽ جاري ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ادارن جي نمائندن محڪماڻي تيارين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال ۾ عوام جي جاني ۽ مالي نقصان کان بچاءُ جي ??اء?? وقت سر قدم کڻڻ جي عزم کي ورجايو.
اين ڊي ايم اي پاران سانوڻي جي قومي سطح تي تياري بابت ڪانفرنس، سال 2022ع جو ساليانو سانوڻي پلان جاري
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania