اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻ??هي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقا??ت ۽ ??ڏي?? احترام تي ٻڌل آهن، عراق پاڪستان جي تربيت يافته افرادي قوت مان مستفيد ٿي سگهي ٿو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ عراق جي سفير حامد عباس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ ??ڏي?? دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عراق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻ??هي ڀائر اسلامي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اسلامي ثقا??ت ۽ ??ڏي?? احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. هن جو چوڻ هو ته ??ڏي?? واپار جو موجوده ماپو ٻنهي ملڪن جي صلاحيت جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، ٻ??هي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس ۾ رابطن کي فروغ سان واپاري ماپي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.
ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عراق پاڪستان مان چانور، جراحي اوزار، راندين جو سامان، فرنيچر ۽ ٻيون شيون درآمد ڪري ۽ هتي جي تربيت يافته افرادي قوت مان لاڀ پرائي سگهجي ٿو، هن چيو ته عراق ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ ويندڙ زائرين لاءِ هڪ منظم لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي، زائرين ۽ عراق ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي واکاڻ جوڳي آهي ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آئل پائيپ لائين وڇائڻ جو منصوبو خوش آئنده آهي، قاسم سوري چيو ته عراقي قوم بهادر قوم آهي ان ثابت قدمي سا?? پنهنجي مسئلن تي ضابطو آندو، امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسلامي ملڪن ۾ اتحاد ۽ ويجهو تعاون ضروري آهي، ان موقعي تي عراقي سفير حامد عباس لفته چيو ته عراق پاڪستان سا?? پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن جو چوڻ هو ته عراق موجوده لاڳاپن کي اقتصادي ۽ واپاري رابطن جي فروغ سان وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.