اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ ??و اهم جز آهي، هن چيو ته ملڪ جو ??ثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ ميڊيا جو ??ثبت ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته صحافي برادري کي پيشيوراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ پارليامينٽ ??ي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر پارلياماني صحافين کي مبارڪباد ڏيندي خاطري ڪرائي ته پارلياماني صحافين جي ٻين تجويزن بشمول پريس گئلري جي سگهه، جديد ٽيڪنالاجي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو ته جيئن صحافي برادري پنهنجي پيشيوراڻي سرگرمين کي موثر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهي. هن چيو ته قومي ا??يمبلي سيڪريٽريٽ کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته اها پريس گئلري ۾ پارلياماني صحافين جي پيشيوراڻي ذميوارين کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪري. صحافي جي هڪ سوال جي جواب ۾ قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو ته مخالف ڌ?? وزيراعظم جو ايوان مان اعتماد جو ??وٽ وٺڻ تي عوام ۾ منفي پروپيگنڊا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي ا??تماد جي ووٽ ۾ پريس گئلري ۾ سڄي ملڪ جي ميڊيا جي موجودگي ۾ اعتماد جي ووٽ جا غلط انگ اکر پيش ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ آئين ۽ قانون جو ??ذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته جمهوريت جي ا??تحڪام ۽ سياست ۾ عدم برداشت ۽ تلخي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس. هن چيو ته مخالف ڌر سان پيش ايندڙ معاملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جيڪا پارليامينٽ ??ي اندر ۽ ٻاهر سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان پيش آيل معاملن جو جائزو وٺندي. ان موقعي تي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڳالهائيندي چيو ته جمهوري نظام ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، اظهار جي راءِ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، آزاد ميڊيا جي ڪري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ??يڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ چيو وڃي ٿو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پي آر اي جي صدر بهزاد سليمي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ اسپيڪر جو ??ورو ادا ڪندي چيو ته ميڊيا جي لاءِ جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ان سان فرضن جي ا??ائيگي ۾ نمايان بهتري ايندي هن سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي ا??يمبلي جي ا??پڪر کي درخواست ڪئي ته ميڊيا پرسنز کي ايوان جي اندر ٽي وي ڪئميرا کڻي وڃڻ جي ا??ازت ڏني وڃي جنهن تي سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي ا??يمبلي جي ا??پي??ر چيو ته ان ڳالهه جو ??يصلو پارلياماني اڳواڻن جي مشاورت سان ڪيو ويندو.
آزاد ميڊيا جي ڪري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي: اسپيڪر/سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی