پيانگ يانگ-31 آڪٽوبر(اي پي پي) اتر ڪوريا نومبر ۾ بين البراعظم بيليسٽڪ مي??ائل (آئي سي بي ايم ) لانچ ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ??يڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي دفاعي اطلاعات ايجنسي (ڊي آئي اي ) جي آفيسرن قومي اسمبلي ۾ پارلياماني ميمبرن کي بريفنگ ڏني. بريفنگ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا جي ميمبرن ميڊيا کي ٻڌايو ته اتر ڪوريا نومبر ۾ مي??ائل تجربو ڪري سگهي ??و. 5 نومبر تي آمريڪي چونڊن کان اڳ يا بعد ۾ پنگي – آري سائيٽ مان آئي سي بي ايم ڇڏي سگهي ??ي. پارلياماني ميمبر ٻڌايو ته تياريون مڪمل آهن ۽ موبائل لانچر مخصوص علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ حڪو??ت پاران ان لانچ جو مقصد اهو آهي ته جيئن هُو ??يزائل جي تجربن سان ٻيهر پنهنجي ٽيڪنالاجي جي آزمائش ڪري سگهي. جاپاني خابرو ايجنسي ٻڌايو ته نئين آزمائش جو وقت اتر ڪوريا جي ا??واڻ ڪم جونگ ان پاران طئي ڪيو ويندو، 5500 ڪلوميٽرن کان مٿي مار ڪندڙ بيليسٽڪ مي??ائلن جي بين البراعظمي طور درجه بندي ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي پهرين حصي ۾ ايٽمي تجربن لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ هاڻي تائين پنگي آرسائيٽ مان 2006ع ، 2009ع ، 2013ع ، 2017ع ۾ هڪ ۽ 2016ع ۾ ٻه ايٽمي تجربا ڪيا.
اتر ڪوريا پاران بين البراعظم بيليسٽڪ ميزائل جي تجربي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ