گڏيل قومون -03 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشي جون ڪارروائيون والاريل اولهندي ڪناري تائين پکڙجڻ بابت خب??دار ڪندي چيو آهي، ته اسرائيل جي نسل پرستي غزه ۽ اولهندي ڪناري کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فلسط??ني علائقن ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائند?? فرانسسڪا البانيز هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته اسرائ??ل طرفان نسل ڪشي جون ڪارروائيون غزه کان اڳتي وڌي والاريل فلسط??ني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسرائيل کي هڪ ڊگهي عرصي کان ڏنل ڇوٽ والاريل علائقن ۾ فلسط??ني شهرين کي ختم ڪرڻ جي اجازت برابر آهي. هن چيو ته فلسطينين کي انهن طاقتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ته جيڪي کين هڪ قومي گروهه طور ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائ??ل طرفان فلسطينين ??ي نسل ڪشي کي فوري طور روڪڻ لاءِ پنهنجي طاقت ذريعي هر ممڪن ڪوشش ڪري. هن فلسط??ني علائقن مان اسرائيلي قبضي جي خاتمي ۽ آبادڪارن طرفان فلسطينين ??ي زمينن تي قبضي کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ اولهندي ڪناري ۾ اسرائ??ل طرفان پرتشدد ڪارروائين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جتي اٽڪل 4 لک 90 هزار اسرائيلي آبادڪار 30 لک فلسطينين وچ ۾ رهن ٿا.
اسرائيل جُون نسل ڪشي واريون ڪارروائيون والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں