رياض-12 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ۽ ڪينيڊا واپاري وفدن جي مٽاسٽا کي ??نجن سالن تائين معطل رکڻ کا?? پوءِ ٻيهر شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب فيڊريشن آف سعودي چيمبرز آف ڪامرس چيو آهي ته ڪينيڊين ڌرين سان هڪ گڏيل سعودي ڪينيڊين بزنس ??ائونسل قائم ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون ويون آهن، سعودي چيمبر آف ڪامرس جي صدر حسن الحوازي چيو آهي ته گڏيل ڪائونسل جو ق??ام هڪ هاڪاري قدم آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي ??ڌائڻ ۾ مدد ملندي، هن سعودي عرب ۾ ڪينيڊا جي سفير جين فلپ لينٽو سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ڌرين وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري سرگرمين کي ??ڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. واضع رهي ته سعودي عرب 2021ع ۾ خطي ۾ ڪينيڊا لاءِ سڀ کان وڏو برآمدي مارڪيٽ هو. ان وقت ڪينيڊا جو روانگي واپار 1.65 بلين ڊالر هو، واضع رهي ته اهو قدم ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن گذريل سال مڪمل سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا ويا هئا.
سعودي عرب پاران ڪينيڊا سان واپاري وفدن جي مٽا سٽا تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ