گڏيل قو??ون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي منير اڪرم طرفان ڄ??ون ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نو آبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي نمائندن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي جي تبصرن تي رد عمل ظاهر ??ند?? ڀارت جي نمائندي چيو ته گڏيل قومن خوداراديت واري حق جي اصول کي بقيه 17 نان سيلف گورننگ علائقن جي ڊي ڪالونائيزيشن جي حوالي سان بيان ڪيو هو، نه ئي ڪنهن ميمبر ملڪ جي علائقائي سالميت کي مجروح ڪرڻ جو جواز پيش ڪيو آهي. ڄ??ون ڪشمير ۽ لداخ هميشه ڀارت جو اڻٽٽ حصو رهيا آهن ۽ رهندا. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ قونصلر نعيم صابر خان ان ڳالهه جو فوري جواب ڏيندي چيو ته نوآبادياتي ملڪن ۽ ما??هن کي آزادي ڏيڻ جا اعلان نه صرف ڪجهه علائقن جي ما??هن جا نهن پر سڀني اهڙن ما??هن جي خوداراديت واري حق هجڻ جي تصديق ڪري ٿو جن جي علائقن تي زبردستي قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڄ??ون ڪشمير کي گڏيل قومن جي نقشن تي هڪ تڪراري علائقو قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت ۾ 200 ملين کان و??يڪ مسلمان، عيسائي ۽ ٻين اقليتن کي سنگين ۽ کليل امتيازي سلوڪ درپيش آهي. ڀارت اندر اسلامو فوبيا ۾ خوفناڪ اضافو بي جي پي ۽ آر ايس ايس حڪومت جي هندو پرست ايجنڊا جي انڌي تقليد ۽ اسلام مخالف ۽ مسلم مخالف بيان بازي جي واضح حمايت جو نتيجو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت ۾ اڄ ڪا به اقليت محفوظ ناهي.
گڏيل قومون: ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي جديد دور جي نوآبادياتي نظام جو بدترين مظهر قرار ڏيڻ تي پاڪستان ۽ ڀارت جي نمائندن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں