تهران -10 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران خبردار ڪيو آهي، ته حماس طرفان اسرائيل تي حملي بعد ڪو ملڪ ايران تي حملو ڪر?? جي ڪوشش نه ڪري. جرمن نش??ياتي اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪنعاني وضاحت ڪئي آهي ته سندس ملڪ ان تڪرار ۾ شريڪ ناهي ۽ اسرائيل جي حڪومت ان تڪرار کي بهانو بڻائي ايران خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت کان پري رهي. هن چيو ته ايران تي حملو ڪر?? جو بيوقوفاڻو عمل تباهه ڪن نتيجا سامهون آڻيندو. هن اهڙو بيان اهڙن شڪن ۽ شبهن جي تناظر ۾ ڏنو آهي ته حماس کي ايران جي حمايت حاصل آهي. گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير به چيو آهي، ته اسرائيل تي حملي ۾ ايران ملوث ناهي. اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ويڙهه ۾ شدت بعد ايران به چيو آهي ته ان ويڙهه کي روڪڻ لاءِ عالمي طاقتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? گهرجي. واضح ر??ي ته ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جو هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪيو وڃي.
اسرائيل جي حڪومت ايران خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت کان پري رهي آهي: ايران جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر