بيجنگ- 02 جون (اي پي پي) چين تائيوان جي ٻيهر اتحاد تي پنهنجو موقف واضح ڪندي چيو آهي ته هو تائيوان جي چين سان پرامن اتحاد جون انتهائي مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو پر هو ان مقصد لاءِ تائيوان جي حڪومت خلاف طاقت جي استعمال جي حق کان هٿ نه ??ڻندو. چيني اخبار سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي رپورٽ موجب چيني ??فا?? واري وزير لي شانگ فو واضح ڪيو ته ??ند?? ملڪ تائيو??ن جو پاڻ سان ٻيهر اتحاد لاءِ طاقت جي استعمال جي حق کي هر گز ختم نه ??ندو. هوڏانهن روسي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته چيني ??فا?? واري وزارت تائيوان جي معاملي ۾ پرامن مفاهمت جي اميد جو اظهار ڪيو پر گڏ ئي ان معاملي ۾ غير ملڪي مداخلت جي خلاف خبردار پڻ ڪيو. چيني ??فا?? واري وزارت جي ترجمان ٽين ڪيفي چيو ته اسان تائيوان جي حڪمران پارٽي ڊيموڪريٽڪ پروگريسو پارٽي جي عملدارن طرفان تائيوان جي آزادي لاءِ پرڏيهي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ??نداسين ۽ نه ئي اسان پرڏيهي طاقتن طرفان تائيوان کي چين تي ضابطو آڻڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪنهن ڪوشش کي برداشت نه ??نداسين.
تائيوان جو چين سان اتحاد لاءِ طاقت جي استعمال جي حق کان هٿ نه کڻنداسين:چيني دفاع وارو وزير
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ