اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پ?? پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ??هره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??سان هلندڙ هفتي ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اهڙي ۾ اسان ڪشميري ٻارن جي خراب حالت کي نه وسارينداسين جيڪي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن جي نتيجي ۾ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ اهڙي علائقي ۾ رهندي جتي لکن جي انگ ۾ فوجي دستا مقرر هجن، ڪشميري ٻارن کي درپيش صدما تمام گهڻا آهن، جيڪي انهن جي نفسياتي ۽ ذهني صحت تي اڻمٽ نشان ڇڏي رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڪاررواين جي نتيجي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي چڪا آهن، انهن جي خراب حالت عالمي ڌيان جي مستحق آهي. هن چيو ته ??سان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته ??ها ڪشميري ٻارن جي حقن جي لاءِ آواز ??ٿاري ۽ انهن جي مصيبتن جي خاتمي جو مطالبو ڪري.
پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha