اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) مواصلات، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري بابت وفاقي و??ير عبدالعليم خان چيو آهي ته آذربائيجان ۽ ترڪيه جي??ن بيلاروس کي سيڙپڪاري ۾ ڀائيوار بڻائڻ چاهيون ٿ??، شاهراه قراقرم ۽ سي پيڪ جي طرز تي سينٽرل ايشيا تائين واپاري ڪوريڊور جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلاروس جي ٽرانسپورٽ واري و??ير اليڪزسي ليخنو وچ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن خاص طور تي مواصلات جي شعبي ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڳالهائيندي چ??و ته پاڪستان ۽ بيلاروس اچ وڃ ذريعن جي اپ گريڊيشن ۾ گڏيل ڀائيواري ڪري سگهون ٿ??. بيلاروس پي آءِ اي سان سفري سهولتن ۾ ڪاروباري سرگرميون وڌائڻ لاءِ تيار آهي. ملاقات ۾ بيلاروس جي وزير، وفاقي و??ير کي بيلاروس جي دؤري جي دعوت ڏني. وفاقي و??ير چ??و ته اسلام آباد کان ماسڪو سڌي اُڏام تي ڪم جاري آهي. بيلاروس کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. آذربائيجان ۽ ترڪيه جي??ن بيلاروس کي به سيڙپڪاري ۾ ڀائيوار بنائڻ چاهيون ٿ??. شاهراهه قراقرم ۽ سي پيڪ جي طرز تي سينٽرل ايشيا تائين واپار ڪوريڊيور جا خواهشمند آهيون. هن چ??و ته بيلاروس جي صدر تي مشتمل 68 ميمبرن جي وفد جو پاڪستان جو دؤرو سٺو سنوڻ آهي، مستقبل ۾ بيلاروس سان جي ٽو جي ۽ بي ٽو بي سرگرمين ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي. هن چ??و ته ٽرانسپورٽ ۽ گرين انرجي ۾ ماحول دوست قدم کڻڻا پوندا. بيلاروس جي و??ير چ??و ته پاڪستان سان ريلوي ۽ روڊ ذريعي رابطا وڌائڻ چاهيون ٿ??. بيلاروس جي و??ير پاڪستان جي مواصلات ذريعن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو به اظهار ڪيو. ملاقات ۾ مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ بيلاروس جا سينيئر سرڪاري عملدار به موجود هئا.
بيلاروس کي سيڙپڪاري ۾ ڀائيوار بڻائڻ چاهيون ٿا: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ