اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي تازن قدمن تي سخت ڳڻتي آهي، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران گذريل ڏي??هن جاري پڌر??ئي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايران خلاف اسرائيل جي جارحيت جي تازن قدمن تي سخت ڳڻتي آهي، اسرائيل جي انهن قدمن جي شديد مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته اهڙي طرح جي قدمن سان نه رڳو علائق??ئي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي پر هي ڪاررو??ئي خودمختياري ۽ عالمي قانون جي اصولن جي به ڀڃڪڙي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان امن قائم ڪرڻ لاءِ ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏ??ي ڪم ڪندو رهندو، پاڪستان سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته هو وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ تحمل کان ڪم وٺن.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر