اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سا?? ايشيا پيسفڪ نيٽ ورڪ انفارميشن سينٽر (اي پي اين آءِ سي) سنگاپور جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) جيا رونگ لوني ڪالهه سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٽيليڪام آپريٽرز جي سگهه وڌائڻ جي حوالي سا?? ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان پڻ موجود هو. ڪالهه آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري و??ار?? مان جاري ڪيل بيان موجب سي اي او، مملڪتي وزير کي اي پي اين آءِ سي ورڪنگ جي حوالي کان آگاهه ڪيو . هن چيو ته اي پي اين آءِ سي پاڪستان ۾ ٽيليڪام آپريٽرز لاءِ نيٽ ورڪنگ جي حوالي سا?? ٽريننگ پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته ٽيليڪام آپريٽرز جي سگهه وڌائڻ لاءِ فني تربيت تمام اهم آهي. ملاقات ۾ ٽيليڪام آپريٽرز جي تربيت لاءِ هڪ جامع پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو وي??. م??اقات ۾ ٽيليڪام واري و??ار?? جو ميمبر محمد جهانزيب رحيم پڻ موجود هو. ان دوران مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه جرمنيءَ ۾ پاڪستان جي سفير ثقلين سيده سا?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جرمني جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ لاڳاپن ۽ پاڪستاني آءِ ٽي ڪمپنين جي جرمني ۾ سهولتڪاريءَ جي حوالي سا?? ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ انٽرنيشنل ڪوآرڊينيشن جو ميمبر عماد ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل سيد جواد علي شيرازي پڻ موجود هئا.
مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان ايشيا پيسفڪ نيٽ ورڪ انفارميشن سينٽر جي سي اي او جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔