اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀلائي ۽ صحت جي مسلئن جي خاتمي ??اء?? هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي روشن مستقبل جي ??اء?? ٻ??رن جي بهترين واڌويجهه ضروري آهي، حڪومت ٻ??رن جي بهترين واڌويجهه جي ??اء?? ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، صوبائي حڪومتن کي پروگرام جي حوالي سان مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، موذي مرضن جي خاتمي ۽ انهن جي ڦه??اء?? کي روڪن جي ??اء?? جامع پلان جوڙڻ ۽ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ جي ??اء?? پڻ هڪ حڪمت عملي ج??ڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ عالمي ماهرن جو ٻ??رن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جي خاتمي ??اء?? اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ عالمي اد??رن جي نمائندن ۽ ماهرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي عالمي بئنڪ پاران پاڪستان ۾ ٻ??رن جي واڌويجهه جي حوالي سان انگن اکرن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٻ??رن جي هڪ وڏي انگ کي واڌويجهه جي گهٽتائي جو خطرو آهي. سببن تي روشني وجهندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بنيادي صحت جي ناڪافي سهولتن، ضروري غذائي جزن جي کوٽ، آلوده پاڻي جو استعمال، ناڪافي صفائي سٿرائي ۽ واڌويجهه جي حوالي سان آگاهي نه هجڻ ٻ??رن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جا وڏا سبب آهن. اجلاس کي انهن سببن جي خاتمي ??اء?? تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي ٽي بي، هيپاٽائيٽس، ذيابيطس ۽ ٻين موذي بيمارين جي حوالي سان پڻ پاڪستان جا انگ اکر پيش ڪيا ويا ۽ انهن کي روڪڻ جي ??اء?? تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم لاڳاپيل عملد??رن کي فوري طور تي قومي سطح تي ان حوالي سان هڪ جامع منصوبو ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهسن ، يونيسيف ۾ پاڪستان جي نمائندي عب??الله فاضل، عالمي غذائي پروگرام جي پاڪستان ۾ نمائندي ڪوڪو اوشييامه ۽ ٻين عالمي شهرت رکندڙ ماهرن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، ڊاڪٽر ذوالفق??ر علي ڀٽا، ڊاڪٽر ساجد صوفي، ڊاڪٽر اعجاز نبي ۽ لاڳاپيل شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀلائي ۽ صحت جي مسلئن جي خاتمي لاءِ هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : apostas quina