اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي امن قائم ڪرڻ جي راهه ۾ جانين جا نذرانا ??يش ڪندڙ پاڪستاني شهيدن ۽ حياتي ڏيندڙ ٻين ملڪن جي فوجين ??ي خراج عقيدت ??يش ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي امن دستن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چ??و ته عالمي تڪرارن جي نتيجي ۾ ڇڪتاڻ وارن علائقن ۾ گڏيل قومن جا امن دستا امن قائم ڪرڻ ۽ تسلسل ۽ ماڻهن جي حفاظت جي لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چ??و ته گڏيل قومن جي امن دستن ۾ پاڪستانين جي خدمتن جي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ڪنهن کان لڪل نه آهي. وزيراعظم چ??و ته گذريل 64 سالن ۾ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جي 2 لک 30 هزار جوانن ۽ آفيسرن بشمول 500 عورتن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو. مون سميت پوري قوم گڏيل قومن جي امن دستن ۾ عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ??يش ڪندڙ 181 پاڪستانين ??ي خراج عقيدت ??يش ڪري ٿي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي هڪ ذميوار ميمبر جي حيثيت سان عالمي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو. گڏيل قومن جي ايندڙ نسلن ??ي لاءِ هڪ پرامن ۽ خوشحال دنيا جي مقصد کي پورو ڪرڻ جي لا پاڪستان سدائين وانگر سرگرم رهندو.
وزيراعظم پاران عالمي امن قائم ڪرڻ جي راهه ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪستاني شهيدن ۽ حياتي ڏيندڙ ٻين ملڪن جي فوجين کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria