اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ واپار بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ت?? 40 سال اڳ سعودي عرب جي حڪومت پاڪستانين کي شاهه ف??صل مسجد جو تحفو ڏنو، ها?? ان مسجد کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ ان جي رنگ روغن ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي سان گڏ شاهه ف??صل مسجد جي دؤري جي موقعي ت?? خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. گهرو معاملن وارو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني، ضلعي انتظاميه ۽ سي ڊي اي جا عملدار به ان موقعي ت?? موجود هئا. گهرو وزير سعودي سفير سان گڏ ظهر جي نماز ادا ڪئي، جنهن کان پوءِ هنن شاهه ف??صل مسجد جي مرڪزي هال ۽ وڏي اڱڻ ۾ مختلف هنڌن جو معائنو ڪيو. صحافين ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير چيو ت?? جڏهن مون گهرو وزارت جو منصب سنڀاليو ت?? پهرئين جمعي جي نماز شاهه ف??صل مسجد ۾ ادا ڪئي. سعودي سفير جو شڪرگذار آهيان جنهن ذاتي دلچسپي وٺندي شاهه ف??صل مسجد جي رنگ روغن شروع ڪرايو، هن چيو ت?? شاهه ف??صل مسجد جو شمار پاڪستان جي خوبصورت ترين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. ان موقعي ت?? سعودي سفير چيو ت?? سعودي حڪومت طرفان شاهه ف??صل مسجد پاڪستانين لاءِ هڪ تحفو آهي. ها?? ان مسجد ۾ رنگ روغن شروع ڪيو ويو آهي. گهرو وزير سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز شاهه ف??صل مسجد جي رنگ روغن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن، اهو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو.
شاهه فيصل مسجد جي رنگ روغن ٿي رهي آهي: نگران گهرو وزير جي سعودي سفير سان گڏ فيصل مسجد جي دؤري جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو