اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ريشين فيڊريشن ڪائونسل جي روس – پاڪستان فرينڊ شپ گروپ جي سربراهه سينيٽر ولاد مير چيزوف ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب سينيٽر چيزوف 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ عالمي مبصر طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. نگران پرڏيهي وزير آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ پاڪستان جي عز?? تي زور ڏنو ۽ پرامن ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ چونڊ عمل ۽ سيڪيورٽي انتظامن جي وضاحت ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستان روس ٻطرفي تعاون کي ??ضب??ط بڻائڻ جي پاڪستان جي عز?? جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم