اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) سياسي اڳواڻن، دانشورن، تعلي??ي ماهرن، سينيئر صحافين ملڪ جي چونڊ ۽ سياسي منظرنامي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي ڏس ۾ سياسي ڊائيلاگ جي شروعات ۽ سياسي پارٽين جي منشور ۾ ملڪي مسئلن ۽ عوا??ي مشڪلاتن جي ازال?? جي قدمن کي ترجيح بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته سياسي پارٽيون چونڊ سڌارن ۽ درپيش قو??ي مسئلن جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائينديون جڏهن ??ه انٽرا پارٽي چونڊن ۾ شفافيت ۽ چونڊ عمل ۾ عورتن جي شرڪت وڌائڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار مختلف سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي نمائندن، تعلي??ي ماهرن ۽ ٻين ڌرين پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ ”پاڪستاني راءِ ڏيندڙن جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي ۾ سياسي پارٽين جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ان سلسلي ۾ منعقد ان ٻئي سيمينار کي اهم خطاب ڪندڙ جي حيثيت سان خطاب ڪيو ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ان قدم کي ساراهيو. ان موقعي تي سيمينار جي شرڪت ڪندڙن چونڊ عمل ۾ خامين کي اجاگر ڪندي انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ عمل ۾ عورتن جي شرڪت وڌائڻ تي زور ڏيندي حقيقي جمهوري تبديل?? جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر سيد علي ظفر زوم جي ذريعي سيمينار ۾ شرڪت ڪندي چيو ته آئين اليڪشن ڪميشن (اي سي پي) کي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري ڏئي ٿو. اليڪشن ايڪٽ 2017ع اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ اضافوڪيو، آئين سياسي پارٽين کي چوندن ۾ حصو وٺڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ جو اختيار ڏي ٿو. هن چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ مبارڪباد جو مستحق آهي جنهن ??ن اهم موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪيو، پاڪستان جي آئين ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جوڙجڪ عمل ۾ آندي وئي اهي ۽ اهي اختيار ڏنا ويا آهن ??ه ملڪ ۾ صفاف، شفاف، غيرجانبداراڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرايون وڃن. هي منفرد قسم جو آئين آه?? جيڪو پارليامينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا اختيار ڏئي ٿو. بيريسٽر علي ظفر شهري آبادي و??ڻ ۽ وڏي پئماني تي ڳوٺاڻي علائقن مان لڏپلاڻ سان واڳيل جمهوري مسئلن تي پڻ روشني و??ي ۽ چيو ته اسان زرعي شعبي مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان منشور ۾ قدم شامل ڪيا آهن پر ان عمل کي مڪمل روڪي نه ٿو سگهجي. جماعت اسلام?? جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل محمد اصغر چيو ته ماضي ۾ عوام جي هڪ وڏي اڪثريت ووٽ وجهڻ کان پري رهي جنهن ??ي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ وڌ کان وڌ هجي. هن چيو ته جماعت اسلا??ي ملڪ ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته جماعت اسلام?? جي نتظيم ۾ عورتن جو رڪارڊ انگ مختلف سطحن تي شامل رهيو آهي ۽ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن ٽڪيٽ حاصل ڪيون. هن ??جويز ڏني ته جيڪو شخص جائيداد ۾ عورتن کي حصو نه ٿو ڏي ان کي چونڊ عمل ۾ نااهل قرار ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته انٽرا پارٽي چونڊن کانسواءِ جمهوريت وڌي نه ٿي سگهي ۽ ملڪي سياست مان پئس?? جي اثر رسوخ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن متناسب نمائندگ?? جي بنياد تي چونڊن جي تجويز پڻ ڏني ۽ چيو ته جماعت اسلامي چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ نوجوان اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو آهي، اسان جي پارٽي مختلف فلاحي پروگرامن جي ذريعي و??ي انگ ۾ يتيم ٻارن جي ڪفالت ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ پارلياماني نظام جا پرزور حامي آهيون ۽ ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته ڪنهن ??ه سياسي پارٽ?? جي ليڊر جو ڪردار بي داڳ هجڻ گهرجي. موضوع جي مناسبت سان مباحثي ۾ شرڪت ڪندي علامه اقبال اوپن يونيورسٽ?? جي ڊاڪٽر اسد منير پارليامينٽ ۾ مخصوص سيٽن جي ورڇ کي هڪ مثبت قدم قرار ڏنو. هن ??ميد ظاهر ڪئي ته حالتون ترتيبوار بهتر ٿينديون ۽ سياسي پارٽيون جمهوري عمل جي ذريعي پنهنجي قيادت چونڊينديون. قائداعظم يونيورسٽي مان ڊاڪٽر محمد مجيب افضال پاڪستان جي چونڊ عمل جي ڪمزورين تي روشني و??ي. هن چيو ته سياسي پارٽين ۾ اشرافيه جي اڪثريت ڏٺي و??ي ٿي، سياسي پارٽين ۾ سمورن طبقن خاص طور تي ڪمزور طبقن کي مناسب نمائندگي پڻ حاصل ٿيڻ گهرجي. سينيئر صحافي حافظ طاهر خليل جمهوريت جي استحڪام ۾ ميديا جي ڪردار تي زور ڏيندي ملڪ جي ادارن جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن ??ميد ظاهر ڪئي ته نوجوان نسل ملڪ کي بحران مان ڪڍندي. هن ??ياسي پارٽين جي اندروني مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ پنهنجي منشور تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. وڌيڪ اهو ته هن ??نيادي قو??ي مسئلن تي سمورين سياسي پارٽين جي و?? ۾ اتفاق راءِ ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) پاران 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ شهرين جي و?? کان وڌ شموليت ۽ چونڊ عمل بابت مناسب آگاه?? جي لاءِ منعقد ڪيل چار سيمينارز مان هي ٻيو سيمينار هو. سيمينارز ۾ وڏين سياسي پارٽين، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، ميڊيا، تعلي??ي ماهرن، سول سوسائٽي ۽ عوامي نمائندن کي گهرايو پيو وڃي. ٽيون سيمينار چونڊ ضابطه اخلاق: ميڊيا سميت ڌرين جي اخلاقي طرز عمل تي ڌيان ڏيندي 25 جنوري تي منعقد ٿيندو جڏهن ??ه نوجوانن، عورتن، کدڙن فقيرن ۽ ثقافتي اقليتن جي سياسي شرڪت ۽ بااختيار بڻائڻ جي عنوان سان چوٿون ۽ آخري سيمينار پهرين فيبروري تي منعقد ڪيو ڪيو ويندو.
اميد آهي ته سياسي پارٽيون چونڊ سڌارن ۽ درپيش قومي مسئلن جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائينديون: سياسي اڳواڻ/ دانشورن/ تعليمي ماهر/ سينيئر صحافي
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena