اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد 2024ع جي چونڊن جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي ملڪ جي حالتن بابت معلومات فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اها ڳا??هه هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ ??قامي هوٽل ۾ ”اليڪشن 2024ع: سياسي پارٽين جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا“ جي موضوع تي ٿيندڙ سي??ينار کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سدائين کان ڪوشش رهي آ??ي ته اها اهڙا پليٽ فارم مهيا ڪري جتي ملڪ جي مستقبل جي حوالي سان بحث ٿي سگهن. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان سڀني کي آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ حڪومت کي ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ چئلينجز درپيش هوندا ۽ اهي ڪهڙي طرح انهن مسئلن ۽ چئلينجن کي منهن ڏئي سگهندي. هن چيو ته اسان وٽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پورو اسپيڪٽرم موجود آهي جتي ملڪي مسئلن ۽ چئلينجن تي تفصيلي بحث ٿي سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته ميڊيا معلومات جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اڄ جي سي??ينار جو مقصد به اهو ئي هو ته چونڊن جي حوالي سان سي??ينار جي ذريعي ملڪي مسئلن کي اجاگر ڪيو وڃي. هن چيو ته سي??ينار منعقد ڪرڻ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي بهترين ڪوشش آهي.
ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، ماڻهن کي ملڪ جي حالتن بابت معلومات فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری