ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت خوراڪ جي تحفظ، زراعت، پن بجلي، معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪويت جي فرسٽ ڊپٽي وزيراعظم ۽ گهرو وزير شيخ طلال الخالد الاحمد الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپ?? جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. رياست ڪويت پاران پاڪستا?? جي مختلف شعبن بشمول فوڊ سيڪيورٽي، زراعت، پن بجلي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ کاڻي?? جي کوٽائي جي سرگرمين ۾ تعاو?? جي لاءِ کاڻي?? جي کوٽا فن?? قائم ڪرڻ، ٽيڪنالاجي زونز ڊيولپمينٽ ۽ مينگروو جي تحفظ سميت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ ثقافت ۽ آرٽ، ماحوليات ۽ پائيدار ترقي جي سعبن ۾ تعاو?? جي لاءِ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپ?? جي رفتار تي انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ پاڪستان ۽ ڪويت لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار قد?? کڻڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم ڪويت سان انهن معاهدن کي انهن ڪاميابين ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل قرار ڏنو جيڪي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي پليٽ فارم تان ملڪ جي لاءِ سامهون اچي رهيون آهن. نگران وزيراعظم ڪويت جي امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
پاڪستان ۽ ڪويت پاران اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش