اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ??مش??د اختر به موجود هئي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن خاص طور تي ??لو??ستان جي ڏورانهن جلائقن جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح آ??ي ته پٺتي پيل علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن وانگر ترقي جي راهه تي گامزن ڪري. نگران وزيراعظم چيو ته عالمي بئنڪ 2022ع جي شديد ترين ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، متاثر علائقن ۾ جاري بحالي جي ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن انتظامي مدد فراهم ڪندي. ناجي بن حسين وزيراعظم کي عالمي بئنڪ جي ??لو??ستان جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي ڪمن ۽ جنيوا ۾ عالمي بئنڪ پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اعلان ڪيل امدادي رقم جي فراهمي جي حوال?? سان اڳڀرائي کان تفصيلي طور آگاهه ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری