آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي ر??مان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار، توانائي ۽ رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ رابطن جي فروغ ۽ اعتمادسازي جي قدمن ”سيڪا“ جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٿيو. وز??را??ظم تاجڪستان جي صدر کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ حڪومت پاران شروع ڪيل بحالي جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. هن ماحولياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر امام علي ر??مان کيس ان سلسلي ۾ تاجڪستان پاران مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي جنهن ۾ ٻوڏ بابت ضروري امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اضافي قافلي جي روانگي پڻ شامل آهي. وز??را??ظم گذريل مهيني ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي تاجڪ صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ??ڳو??ڻن اعليٰ سطح جي ر??بطن، بين الپارلياماني ر??بطن ۽ ٽيڪنيڪي سطح جي ملاقاتن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٺوس تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. وز??را??ظم توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جيڪو وچ ايشيا سان مستقبل ۾ توانائي جي لنگهه جو مرڪز هوندو. وز??را??ظم خطي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي روڊ ٽرانسپورٽ ۽ فضائي ر??بطن جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. هن تاجڪستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن تائين پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ر??ضپي کي ورجايو. ٻنهي ??ڳو??ڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ??ڳو??ڻن وسيع تر اقتصادي تعاون خاص طور تي واپار، توانائي ۽ زميني ۽ فضائي ر??بطي جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت