اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پوليو جا تازا ڪيس سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت سمورين ڌرين پوليو جي ??اتمي لاءِ محنت ۽ اڻ ڳڻيون خدمتون ڏئي رهيون آهن، تنهن هوندي به پوليو جو چ??لينج اڃان موجود آهي جنهن جي مڪمل خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ??دارت ۾ پوليو جي ??اتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي ??جلاس ۾ ڳالهائيندي ??يو. اهو هنگامي اجلاس وزيراعظم ملڪ ۾ تازو پوليو جا ٽي ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد طلب ڪيو هو. اجلاس ۾ پوليو جي ??اتمي جي ??والي سان حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، عبدالقادر پٽيل، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز (وڊيو لنڪ)، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير الياس، بلوچستان جو صحت وارو وزير احسان شاهه، خيبرپختونخوا جو صحت وارو صوبائي وزير سليم جهڳڙا (وڊيو لنڪ)، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شريڪ هئا، اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته تازا پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ ڳڻتي جوڳا آهن، سمورين ڌرين سميت وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن ۽ عالمي ادارن ملڪ مان پوليو جي ??اتمي لاءِ محنت ڪئي ۽ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون تنهن هوندي به پوليو جو چ??لينج اڃان موجود آهي جنهن جي ??اتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران هر ممڪن مدد ۽ تعاون جي ??اطري ڪرايان ٿو، حڪومت پاڪستان عالمي ادارن سميت ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ ٻين ادارن جو پوليو جي ??اتمي واري مهم لاءِ فني ۽ مالي امداد تي ٿورائتا آهيون، اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته هن سال اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ 3 پوليو ڪيسز اتر وزيرستان ۾ رپورٽ ٿيا، فيبروري 2021ع کان مارچ 2022ع (14 مهينا) جي ??وران ڪو به پوليو ڪيس رپورٽ نه ٿيو، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا 25 ضلعا پوليو وائرس جي پکيڙ جي ??والي سان هاءِ رسڪ آهن، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سموريون صوبائي حڪومتون پوليو مهم تي ڀرپور ڌيان ڏين، وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين کي گڏجي پوليو وائرس جي ??اتمي لاءِ نئين جذبي ۽ ولولي سان ڪم ڪرڻ جي ??خت ضرورت آهي، عالمي پارٽنرز سان سهڪار جاري رهندو ته جيئن پوليو جو مڪمل خاتمو ممڪن ٿي سگهي، وزيراعظم شهباز شريف ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو جي ??اتمي واري مهم جو آغاز ??يو.
ملڪ ۾ پوليو جا تازا ڪيس سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن