لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر بري طرح وکري چڪي آهي، ??هباز شريف وٽ لنڊن يا جيل کانسواءِ ڪو ??ه آپشن نه آهي، ??ياسي ماڻهو عوام ۾ موجود رهندا آهن، پيپلزپارٽي صرف سنڌ ڪارڊ کيڏڻ چاهي ٿي، هو عوام کان ڊنل آهي، ??وام کي منهن ڏيڻ نٿي چاهي، پيپلزپارٽي لاهور اچي، ??لسو ڪري، 10 مرلن جي گهر ۾ انهن جو جلسو ٿي و??ند??، اسان ٽن سالن ۾ 32 ارب دالر جو قرض و??پس ڪيو، ايندڙ ٻن سالن ۾ 55 ارب ڊالر جو قرض و??پس ڪرڻو آهي، ??هو نواز شريف ۽ زرداري جي ڪرتوتن جو نتيجو آهي جيڪو ??سان کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، ??مران خان جي ڪاميابي آهي ته ايترو وڏو قرض و??پس ڪرڻ جي باوجود به ملڪ پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. اطلاعاتي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته خيبرپختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان کانپوءِ هاڻي پنجاب جو هر خاندان 10 لک روپين تائين علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندو، اڄ اها سهولت لاهور ڊويزن کي فراهم ڪئي وئي آهي، ??يندڙ مهيني پنجاب جي سمورين ڊويزنن ۾ اها سهولت فراهم ڪئي و??ند??، هن چيو ته بلوچستان صحت ڪارڊ لاءِ پنهنجي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. بدقسمتي سان سنڌ ان منصوبي جو حصو نه بڻي. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ ان عظيم منصوبي ۾ شامل ٿئي. وفاقي وزير چيو ته راشن پروگرام به ايندڙ مهيني شروع ٿي و??ند??، چوڌري فواد حسين چيو ته فنانس ايڪٽ ۾ ترميم جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻ آهي، 343 ارب روپين جي سيلز ٽيڪس ۾ صرف 71 ارب روپيا ٽيڪس جي رقم آهي، ??اقي سمورا ريفنڊ ۽ ايڊجسٽ ايبل ٽيڪس آهن، هن چيو ته درآمدي شين تي ٽيڪس موجود رهندو جڏهن ته باقي سمورين شين تي ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين فلم انڊسٽري کي بچائڻ لاءِ زبرست قدم کنيا، سيمينا جي مشينري، فلم پروڊڪشن تان ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي ڊرامن ۽ فارن ايڪٽرز جي ڪري اسان جا فنڪار بيروزگار ٿي رهيا آهن، پرڏيهي مواد تي ٽيڪس لاڳو ٿيڻ جو فائدو مقامي فنڪارن کي ٿ??ند??، هن چيو ته فلم ۽ ڊراما پاڪستان جو بيانو پيش ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ريها آهن، ان شعبي جي بحالي ضروري هئي، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم اهڙي رياست قائم ڪرڻ چاهي ٿي جتي قانون جو احترام ۽ امير ۽ غريب ۾ فرق نه هجي، ??مورن شهرين کي بنيادي سهولتن تائين هڪجهڙي پهچ حاصل هجي. هن چيو ته پهريون ڀيرو عوام تي ڌيان ڏيندڙ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر بري طرح وکري چڪي آهي، فنانس بل پيش ڪرڻ جي موقعي تي مخالف ڌر جي قيادت اسيمبلي ۾ موجود ئي نه هئي، چيو پئي ويو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو مخالف ڌر سان رابطي ۾ آهن پر بعد ۾ خبر پئي ته سڄي مخالف ڌر ئي پي ٽي آءِ سان رابطي ۾ آهي. ان ڳالهه تي حيرانگي ٿ??ند?? آهي ته خواجه آصف جڏهن دفاع وارو وزير هو ته اقامي تي دبئي جي ڪمپني کان پگهار وٺي رهيو هو، اڄ هو اسان کي ٻڌائي رهيو آيه ته ملڪي سالميت کي ڪيئن خطرا لاحق آهن. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کين چڱي طرح سڃاڻي ٿي، ??هي وکريل ماڻهو آهن، ايندڙ ٽن چئن مهينن دوران مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿ??ند??. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڀاڄين سميت ٻيون شيون سستيون ٿي رهيون آهن، ايندڙ هڪ ٻن مهينن ۾ انهن شين جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿ??ند??ون. هن چيو ته مخالف ڌر وٽ سياست جي لاءِ ڪجهه ناهي رهيو، پهرين چيو پئي ويو ته نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، ??ڏهن اسان چيو ته اسان نواز شريف کي واپس آڻينداسين ته مخالف ڌر گهٻرائي بل تي سياست ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي ڪيس جو فيصلو جلد ڪري، کيس وطن واپس آندو وڃي، ??سان جو مطالبو آهي ته شهباز شريف جي ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني جي بنيادن تي ٿئي، ميڊيا شهباز شريف ڪيس ۾ مني لانڊرنگ جو پاڻ جائزو وٺي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪورونا وبا جو جهڙي طريقي سان مقابلو ڪيو، پوري دنيا ان کي ساراهيو. اين سي او سي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته هن ويڪسينيشن جو جيڪو ٽارگيٽ مقرر ڪيو هو اهو پورو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ڪورونا کي ڪامياب حڪمت عملي سان شڪست ڏني، ”اڪانومسٽ“ رسالي به پاڪستان جي باري ۾ لکيو ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو ملڪ ڪورونا وبا کانپوءِ معمول تي آيو آهي ته اهو پاڪستان آهي. هن چيو ته اڄ آمريڪا، برطانيه سميت پوري يورپ ۾ سفري پابنديون آهن، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن ان وبا جو بهتر حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو. اڄ اسان جي اڪانومي پنج سيڪڙو تي ترقي ڪري رهي آهي، ??سان جي سياست، معيشت ۽ دفاع مستحڪم آهي، مير علي ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان جي فوجي، پوليس، ليوي، ??يف سي ۽ رينجرز جي جوانن جون قربانيون رائيگان نه و??ند??ون، اسان شهيدن جي قربانين تي کين سلام پيش ڪريون ٿا، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري رکي آهي، ??نشاءُ الله انهن شهيدن جو خون رائيگان نه و??ند??، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽن سالن ۾ اسان 32 ارب ڊالر قرض و??پس ڪيو آهي، ??يندڙ ٻن سالن ۾ مجموعي طور تي 55 ارب ڊالر قرض و??پس ڪرڻو آهي، ??هو نواز شريف ۽ زرداري جي ڪرتوتن جو نتيجو آهي جيڪو ??سان کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته اڄ جيڪڏهن عمران خان وزيراعظم نه هجي ها ته پاڪستان بئنڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو هجي ها، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي معاشي ٽيم قرضن جي باوجود پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته مخالف ڌر وارا ڀڳوڙا سياستدان آهن، هو پهرين ميدان ۾ ته اچن، جڏهن هو ميدان ۾ نه هوندا ته ڳالهه ڪنهن سان ٿ??ند??؟ هن چيو ته مخالف ڌر جو ڪردار به عمران خان ئي ڪري ڏيکاريو هو، انهن ويچارن کان اپوزيشن به نه ٿي رهي آهي، هڪ ٻي سوال تي وفاقي وزير چيو ته سياست ڪرڻ جو حق هر هڪ کي حاصل آهي، ??سان چاهيون ٿا ته پ پ پ ۽ ن ليگ قومي سياست ڪري، پ پ پ سنڌ جي ماڻهن کي صحت ڪارڊ کان محروم رکيو آهي، پيپلزپارٽي هر ڀيري سنڌ ڪارڊ کيڏڻ چاهي ٿي، هن چيو ته پيپلزپارٽي لاهور اچي، ??لسو ڪري، 10 مرلي جي گهر ۾ سندن جلسو ٿي و??ند??. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته بلدياتي چونڊون ضرور ٿ??ند??ون، عمران خان بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي، پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جو مرحلو حتمي مرحلن ۾ آهي، هن چيو ته شهباز شريف کي لڳي ٿو ته آئون ٻڏي رهيو آهيان ته پورو پاڪستان ٻڏي رهيو آهي، ??هباز شريف فڪر نه ڪري، ??وام پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺل آهي، ??سان جا هدف مڪمل ٿي رهيا آهن. شهباز شريف وٽ لنڊن يا جيل کانسواءِ ڪو ??ه آپشن نه آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته صحت ڪارڊ لاءِ هيلپ لائين قائم ڪئي وئي آهي، ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪري ڊائريڪٽ کاتي تائين پنهنجون شڪايتون پهچائي سگهجن ٿيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته سياسي ماڻهو عوام جي سامهون بيٺل هوندا آهن، پيپلزپارٽي جي حڪومت پنهنجي ماڻهن ۽ شهرين کان ڊنل آهي، ??نهي ڪري هو عوام جي سامهون نٿي اچڻ چاهي.
مخالف ڌر بري طرح وکري چڪي آهي، شهباز شريف وٽ لنڊن يا جيل کانسواءِ ڪو به آپشن نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil