اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ايران جي سندس هم منصب حسين امير عبداللهيان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي خاص طور تي افغ??نس??ان جي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم منصب مخد??م شاهه محمود قريشي کي ايندڙ هفتي تهران ۾ متوقع افغ??نس??ان جي ??يج??ي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي سطح جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير علائقائي سطح تي گڏيل ح??مت عملي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي قدم جي مڪمل تائيد ۽ حمايت تي ايراني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي ان اهم اجلاس جي وقت سر منعقد ڪرڻ تي ايراني پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير مخد??م شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته افغ??نس??ان جي ??يج??ي پاڙيسري ملڪن جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه سان علائقائي سطح تي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته افغ??نس??ان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي خوش آئنده آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغ??نس??ان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي سطح تي تعاون لازمي آهي. افغ??نس??ان ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ايران جي سندس هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، افغانستان صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت