اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان قوم سان ڪيل پنهنجي احتساب جي واعدي تان ڪڏهن پوئتي نه هٽيو، وزيراعظم عمران خان قانون جي حڪمراني کي قائم ڪيو آهي، علي ظفر جي رپورٽ سان جهانگير ترين جي خلاف تحقيقات تي ڪو فرق نه پوندو، ملاقات جي حوالي سان بئريسٽر علي ظفر ۽ بئريسٽر شهزاد اڪبر جي ڳالهه کي اعتبار جوڳي سمجهان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن ??يو ته کنڊ اسڪينڊل جي حوالي سان جوڙيل ڪميشن پنهنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ انهن سفارشن جي بنياد تي اي?? آءِ اي مختلف شوگر ملز جي خلاف اي?? آءِ آرز داخل ڪيون ۽ انهن تي ڪار??وا??ي شروع ٿي وئي، جهانگير ترين سياسي طور تي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ان لاءِ ميڊيا تي ان جو ذڪر ٿيندو آهي ۽ باقي جن جي خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن ان جي حوالي سان اڳڀرائي منظر عام تي نٿي اچي، هن ??يو ته بئريسٽر علي ظفر کي رڳو جهانگير ترين گروپ جي طرفان شڪايتن جي حوالي سان جاچ ڪرڻي هئي، بئريسٽر علي ظفر جي رپورٽ جو اي?? آءِ اي جي جاچ يا عدالت جي سامهون جهانگير ترين جي ڪيس جي حوالي سان ڪو به تعلق نه آهي، اه?? سڀ شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هلي رهيون آهن، بئريسٽر علي ظفر جو ڪم جهانگير ترين گروپ جي شڪايت جي حوالي سان معاملن کي ڏسڻو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان بنا فرق احتساب جي حوالي سان هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي ڪنهن به شخص جو تعلق چاهي حڪومتي پارٽي سان هجي يا مخالف ڌر سان هجي، جيڪڏهن ??نهن جي خلاف ڪو سوال اٿي ٿو ته انڪوائري به ٿيندي ۽ لا??اپيل ادارا جاچ به ڪندا ۽ سڀني کي قانون کي منهن ??يڻو پوندو.
وزيراعظم عمران خان قانون جي حڪمراني کي قائم ڪيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب