اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا والاريل ڪشمير ۾ ڀ??رتي قدمن، 30 ڏينهن کان جاري ڪرفيو ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان هڪ زبان ٿي عالمي فورمن جو ??ر دروازو ٺُڪائيندو، هر جمعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جو سلسلو جاري رهندو، ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري يورپين پارليامينٽ ۽ او آءِ سي پاران والاريل ڪشمير بابت موثر آواز بلند ٿيو آهي. و??ير??عظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. و??ير??عظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، و??ير??عظم جي پيٽروليم بابت خصوصي معاون نديم بابر سان گڏ و??ير??عظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ و??ير??عظم عمران خان ڪراچي ۾ اسپتالن جي گند ڪچري کي صحيح طريقي سان ٺڪاڻي نه لڳائڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ماحول تي پوندڙ منفي اثرن جو ??وٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته سمورن صوبن جا چيف سيڪريٽري گند ڪچري کي مناسب طريقي سان ٺڪاڻي لڳائڻ جي حوالي سان قانونن تي موثر عملدرآمد ڪرائين ۽ جتي ضروري سمجهيو وڃي انهن قانونن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.
ڪابينا پاران والاريل ڪشمير ۾ جاري ڪرفيو ۽ ڀارتي قدمن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ