تهران -28 آڪٽوبر (اي پي پي ) ايران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هڪ ڏينهن اڳ مٿس اسرائيل پاران ڪيل بمبا??ي ۽ حملن جي مذمت ڪئي وڃي.پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل نالي خط ۾ فوري طور تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڏائن تي زور ڀريو . هن اهو به مطالبو ڪيو ته سلامتي ڪائونسل اسرائيل جي جارح??ت خلاف ??ڪ فيصلي جوڳي پوزيشن وٺندي ان حملي جي مذمت ڪري. عباس عراقچي لکيو آهي ته اسرائيل پاران وڌيڪ فائر ڪيل ميزائل ايران جي دفاعي نظام روڪي ڇڏيا جڏهن ته حملي جي نت??جي ۾ هدف ٺاهيل هنڌن کي نقصان ۽ 4 سپاهي شهيد ٿيا آهن. هن چيو ته اسرائيل جو حملو ايران ??ي خودمختيا??ي ۽ سلامتي جي کليل خلاف ??رزي هئي جنهن لاءِ هو پوري طرح حق رکي ٿو اسرائيل جي جارهيت جو ڏئي واضح رهي ته ڇنڇر واري ڏينهن اسرائيل ايران جي فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو هيو.
سلامتي ڪائونسل ايران تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪري: ايران
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی