واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 2020ع جي صدارتي چونڊن دو??ان رياست جارجيا جي نتيجا تبديل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪر?? جيل موڪليو ويو، جنهن کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو. جرمن نشرياتي اداري موجب رياست جارجيا جي فلٽن ڪائونٽ?? جيل ۾ مگ شاٽ (جوابدار طور تصوير) وٺڻ کانپوءِ 2 لک ڊالر مچلڪا جمع ڪرائڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر کي آزاد ڪيو ويو. آمريڪا جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن اڳوڻي صدر ج?? جيل ۾ جوابدارن سان گڏ تصوير ڪڍي وئي. فلٽن ڪائونٽ?? جيل طرفان جاري تفيصل موجب کيس قيدي نمبر پي او 1135809 نمبر ڏنو ويو. سندس جسماني معائنو به ڪيو ويو، جيل مان آزاد ٿيڻ جي فوري ب??د ڊونلڊ ٽرمپ ايئرپورٽ پهتو جتان هو نيو جرسي لاءِ روانو ٿي ويو، نيو جرسي روانو ٿيڻ کان اڳ هن چيو ته هت?? جيڪو ڪجهه ٿ??و اهو انصاف جو مذاق آهي، مون ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ هر ڪوئي اهو ڄاڻي ٿو. هن پنهنجي خلاف ڪارروائ?? جي چونڊ مداخلت قرار ڏيندي چيو ته اسان قطئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ اسان وٽ هڪ اهڙي چونڊ کي چئلينج ڪرڻ جو حق آه?? جيڪو اسان جي خيال ۾ بدديانتي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته هي آمريڪا لاءِ شرمناڪ ڏينهن آهي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر صحافين جي سوالن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آمريڪي تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي صدر تي فوجداري ڏوهن جو الزام ناهي لڳو جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ 4 مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ مٿس ??جموعي طور تي 91 الزام آهن.
چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن