گڏيل قومون – 08 8211; سيپٽمبر (اي پي پي ) گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت انڊ?? سيڪريٽري ۽ ايمرجنسي ريلف جي ڪوآرڊينٽر مارٽن گريٿس ان اميد جو اظهار ظاهر ڪيو آهي ته گڏيل قومن پاران افغانستان کي زم??ني رستي ذريعي جلد امداد جي فراهمي شروع ٿي ويندي . هن وڊيو ڪانفرنس ذريعي ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان افغانستان کي زم??ني رستي ذريعي ٻين ملڪن کان امدادي سامان جي فراهمي جي شروعات ڪنداسي پر امدادي سامان جي فراهمي جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ افغان حڪومت کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻي پوندي ڇو ته اسان کي ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي جي ضرورت آهي ۽ ??ن لاءِ گڏيل قومن جا عهديدار طالبان کان زباني وعدن بدر??ن لکت معاهدي تي غور ڪري رهيا آهن .هن وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا جي امدادي تنظيمن کي آزاداڻي اندازي ، فراهمي ۽مانيٽرنگ ڪرڻ ، قومي ۽ عالمي انساني امداد جي ورڪرز ۽ سندن خاندانن جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي جي ضرورت آهي .
اميد آهي ته افغانستان کي زميني رستي کان امداد جي فراهمي جلد شروع ٿي ويندي . گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا